علي اصحابيءَ وارو دڙو

علي اصحابيءَ وارو دڙو: هيءُ دڙو ديهه جاگيري، تعلقي فيض گنج، ضلعي خيرپور ۾ آهي. هي دڙو بزرگ علي اصحابي جي مزار سبب سندس نالي سان سڏجي ٿو. هن دڙي جي کوٽائيءَ مان ڪچين سرن جي اوساريءَ سان گڏ ڪنهن نڪتل ديڳ جا نشان واضح نظر اچن ٿا. جڏهن ته سرن ۽ مٽيءَ جا ڍير آهن. ميل کن جي ايراضيءَ تي پکڙيل هڪ وڏي ڀت جا نشان آهن، جتي ڪافي تعداد ۾ ٺڪراٺو موجود آهي.
آثار قديمه جي ماهرن پاران هن ماڳ جي کوٽائيءَ دوران هتان ڪجهه رنگين ٺڪريون پڻ هٿ آيون آهن، جن تي مختلف قسمن جي نقش نگاري ۽ چٽ نڪتل آهن. جيڪي هن وقت سنڌالاجيءَ جي ميوزم ۾ موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو